چنبو ڇڏائڻ

چنبو ڇڏائڻ: هيءَ راند طاقت آزمائيءَ واري راندين مان هڪ آهي. هن راند ڪرڻ لاءِ ٻه ڄڻا مقابلو ڪندا آهن، باقي ماڻهو صرف تماشبين هوندا آهن. ڪي به ٻه هڪجھڙي طاقت رکندڙ همراهه چنبو چنبي ۾ ڏيندا آهن. پوءِ هڪ همراهه کي ٻئي طرفان چيو ويندو ته آئون ٿو تنهنجو چنبو قابو جھليان ۽ تون ڇڏاءِ. ان کانپوءِ ڇڏائڻ وارو همراهه ٻئي هٿ سان چنبي جھليندڙ جي ڪرائيءَ ۾ هٿ وجھي، پنهنجو چنبو ڇڏائڻ لاءِ ڪوشش ڪندو آهي. ان بعد ٻنهي همراهن جي وچ ۾ نهايت زوردار ڇڪ ڇڪان ٿيندي آهي. هيءَ راند هم عمر جوڙو رچائي سگهي ٿو. هن راند ۾ جسم جي ڪافي ورزش ٿيندي آهي.


لفظ چنبو ڇڏائڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو